شمس الدين احمد حڪيم

شمس الدين احمد، حڪيم: مشهور حڪيم شمس الدين، نوشهري فيروز جي مشهور قاضي خاندان ۾ 1894ع ڌاري پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم عربي ۽ فارسيءَ ۾ حاصل ڪرڻ بعد طيبه ڪاليج دهليءَ ۾ داخلا وٺي اعليٰ تعليم حاصل ڪيائين. حڪيم اجمل خان جي خاص شاگردن جي صف ۾ شامل ٿيو. جڏهن طبيه ڪاليج، ٽنڊي محمد خان مان حيدرآباد منتقل ٿيو ته هيءُ ان جو پهريون پرنسپال مقرر ٿيو. سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس جي ڀرسان 1924ع ۾ پنهنجو دواخانو قائم ڪري طبي ڪمپنيءَ جو بنياد وڌائين. سندس ادارت ۾ ‘الطيب’ نالي رسالو جاري ٿيو. حڪيم شمس الدين سنڌي ٻوليءَ ۾ طب تي ٽي ڪتاب (1) ڪليات شمس، (2) آسان علاج، (3) مردانه طاقت لکيا. سندس ڪتاب آسان علاج جو اردو ترجمو ِڊاڪٽر عنايت حسين لغاريءَ ڪيو آهي. شمس الدين احمد، 9 ڊسمبر 1960ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو